پنجاب جي مختلف جيلن ۾ 9 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي، صولت مرزا اڄ صولي تي چڙهندو، انتطام مڪمل

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف جيلز ۾ موت جي سزا مليل 9 قيدين کي ڦاهي تي ٽنگيو ويو، 6 قيدين جي موت واري سزا تي عملدرآمد روڪيو ويو، بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد صولت مرزا کي سڀاڻي ڦاهي ڏني ويندي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ موت جي سزا مليل ٻن قيدين محمد شبير ۽ شوڪت علي کي ڦاهي ڏني وئي، جڏهن ته ساڳي جيل ۾ قيد طالب حسين ۽ رب نواز جي سزا تي عمل اڄ رات تائين روڪيو ويو. فيصل آباد جي سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن سعيد ۽ شفاقت حسين کي به اڄ ڦاهي تي ٽنگيو ويو، ٻنهي جوابدار 1998ع دوران ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو هو. فيصل آباد سينٽرل جيل ۾ ٻن قيدين عرفان عرف شاني ۽ محمد احسان جي ڦاهي واري سزا تي عملدرآمد روڪيو ويو. جهنگ جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ غلام محمد ۽ ذاڪر حسين کي ڦاهي ڏني وئي، غلام محمد پنهنجي گهرواري کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته ذاڪر حسين دشمني تان هڪ شخص کي قتل ڪيو هو. لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيدي طاهر بشير کي ڦاهي ڏني وئي، طاهر بشير 2000ع دوران هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو هو ۽ ميانوالي سينٽرل جيل ۾ قيدي احمد نواز کي ڦاهي تي ٽنگيو ويو، جنهن به 1998ع دوران هڪ شخص کي قتل ڪيو هو. اٽڪ جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدي اسد خان کي ڦاهي ڏني وئي، جنهن 12 سال اڳ هڪ ئي ڪٽنب جي ٽن ڀاتين سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪيو هو. گجرات جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ به ٻن قيدين اظهر محمود ۽ محمد زمان جي ڦاهي تي به عمل روڪيو ويو. بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ايم ڪيو ايم ڪارڪن صولت مرزا کي  19 مارچ تي سولي تي ٽنگڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد شفقت حسين کي 19 مارچ تي ڦاهي ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *