لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڏوهارين کي ڦاهيون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، پنجاب جِي مختلف جيلن ۾ قتل جَي وڌيڪ ٽِن جوابدارن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. گـُجرانوالا جِي سينٽرل جيل ۾ صبح جو سوير قتل جَي ٻن جوابدارن اعجاز ۽ عبدالجبار کي ڦاهيون ڏنيون ويون. جوابدار عبدالجبار 2001ع ۾ پنهنجي دوست کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته اعجاز عرف ججي 1995ع ۾ ذوالفقار نالي هڪ شخص کان حياتي کسي هئي. فيصل آباد جِي سينٽرل جيل به قتل جَي هڪ جوابدار ظفر اقبال کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو، هـُن 2005ع ۾ ڦر دوران مزاحمت تي عورت کي قتل ڪيو هو. ساڳئي ئي جيل ۾ موت جِي سزا ٻڌايل ٻن قيدين نظام الدين ۽ محمد حسين جِي وارثن ٺاهه ٿيڻ ڪري ڦاهي روڪي وئي. ياد رهي ته ملڪ ۾ موت جِي سزا تي عملدرآمد شروع ٿيڻ بعد هاڻ تائين 60 کان وڌيڪ ڏوهارين کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو آهي.