پنجاب جي قومي توڙي صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ دوران فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن پنجاب جي قومي توڙي صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ دوران فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ٽن قومي تڪن تي ننڍي چونڊ 11 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته هڪ صوبائي تڪ لاءِ پولنگ 6 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب، پنجاب جي قومي تڪ اين اي هڪ سئو 22 لاهور، اين اي 154 لوڌران، اين اي هڪ سئو 44 اوڪاڙه، پي پي هڪ سئو 47 لاهور، پي پي 16 اٽڪ تي ننڍي چونڊ دوران فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ سيڪريٽري دفاع ۽ گهرو کاتي جي سيڪريٽريز کي خط لکيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سمورن تڪن تي فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو صوبائي اليڪشن ڪمشنر، ريٽرننگ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر جي درخواستن کانپوءِ ڪيو ويو آهي. اين اي هڪ سئو 22 لاهور تي 11 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوارن مسلم ليگ نون جي سردار اياز صادق ۽ تحريڪ انصاف جي عليم خان ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن، جڏهن ته اين اي هڪ سئو 54 تي به پي ٽي آءِ جو جهانگير ترين ۽ ن ليگ جو ميدان تي لٿل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب، فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. پي پي 16 اٽڪ تي ننڍي چونڊ 6 آڪٽوبر ۽ ٻين تڪن تي پولنگ 11 آڪٽوبر تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *