پنجاب جي اڳوڻي گورنرسلمان تاثير جو پُٽ بلوچستان مان بازياب

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) ڳجهي اداري ۽ دهشتگردي روڪٿام اداري ڪوئيٽا ويجهو ڪارروائي ڪري اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي مغوي پٽ شهباز تاثير کي بازياب ڪرائي ورتو آهي شهباز تاثير کي 26 آگسٽ 2001 تي لاهور جي گلبرگ جي علائقي مان آفيس ويندي اغوا ڪيو ويو هو. ذريعن مطابق ڳجهن ادارن کي اطلاع ڏنو ويو هو ته ڪچلاڪ جي علائقي ۾ دهشتگردن ڪنهن اهم شخصيت کي پاڻ وٽ يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن تي دهشتگردي روڪٿام جي کاتي سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪري شهباز تاثير کي بازياب ڪرائي ورتو شهباز تاثير جي اغُوا جو ڪيس سندس ماسي جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو ذريعن موجب ڏوهارين شهباز تاثير جي بازيابي لاءِ ڪروڙين رپيا ڀنگ گهريو هو خانگي ٽي وي سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته شهباز تاثير کي اغوا کانپوءِ مبينا طور تي لشڪر جهنگوي القاعده جي حوالي ڪيو هو جتان ان کانپوءِ کيس ڪالعدم تحريڪ طالبان جي حوالي ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *