پنجاب جي آبپاشي وزير جي وزير اعظم کي تونسا ۽ گڊو بئراجن بابت غلط بريفنگ جي مذمت ڪريون ٿا: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران  پنجاب صوبي جي آبپاشي کاتي واري وزير محسن لغاري جي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات دوران بئراجن جي مانيٽرنگ جي حوالي لڳايل ڪوڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پنجاب جي آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير محسن لغاري وزيراعظم عمران خان کي ملاقات دوران تونسا ۽ گڊو بئراجن تي گڏيل مانيٽرنگ بابت گمراهه ڪندڙ، غلط ۽ حقيقتن جي ابتڙ صورتحال پيش ڪئي ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي ڪردار کي به ناڪاري انداز ۾ پيش ڪيو، جنهن تي افسوس ٿيو ۽ اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھن چيو ته پنجاب جي آبپاشي کاتي واري وزير وزيراعظم عمران خان کي بئراجن جي مانيٽرنگ بابت سنڌ جي آبپاشي کاتي بابت غلط ۽ حقيقتن جي ابتڙ بريفنگ ڏني جيڪا نھايت ئي افسوس جوڳي ڳالهه آهي ۽ اهو ٻڌايو ته هلندڙ سال 18 نومبر تي آبپاشي کاتي سنڌ جي ڊسچارج آبزرويشن ٽيم تونسه بئراج جي مانيٽرنگ جي حوالي سان پنجاب جو دورو ڪيو جنهن جي دوران تونسه بئراج جي انتظاميا صوبي جي ٽيم کي مسلسل 4 ڪلاڪن جي ڊگهي انتظار ۽ پاڻي ڊسچارج جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار کان پوءِ ٽيم کي مانيٽرگن ڪرڻ جي اجازت ڏني . هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي آبپاشي واري وزير جي اها ڳالھ به غلط ۽ حقيقت جي ابتڙ آهي ته پنجاب جي آبپاشي کاتي جي مانيٽرنگ ٽيم کي گُڊو بئراج جي مانيٽرنگ جي اجازت نه ڏني وئي. جڏهن ته حقيقت ۾ سنڌ جي آبپاشِي کاتي جي ٽيم پنجاب جي آبپاشي کاتي جي ٽيم سان ڀرپور سهڪار ڪندي انهن کي گڊو بئراج جي گيجز ۽ ڊسچارج جو تسلي بخش معائنو ڪرايو ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي آبپاشِي کاتي ارسا کي هلندڙ سال 26 نومبر تي هڪ خط جي ذريعي اصل حقيقت بابت آگاھ به ڪيو آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پنجاب جي آبپاشي واري صوبائي وزير محسن لغاري تونسه ۽ گڊو بئراجز جي گڏيل مانيٽرنگ ٽيم بابت وزير اعظم عمران خان کي گمراھ ڪندڙ، غلط ۽ حقيقت جي ابتڙ آگاهي ڏني جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي جنهن جي اسان پر زرو مذمت ڪيون ٿا  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *