پنجاب اسيمبلي ميمبرن کي سنڌ ۾ ڀليڪار، عوام جي بهتري لاءِ ميمبرن جو گڏ ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي: ناصر شاھھ/سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  بلديات ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌ ۾ ڀليڪار ڪيون ٿا. عوام جي بهتري لاءِ پارلياماني ميمبرن جو گڏ ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي. جنهن جا هاڪاري نتيجا نڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ ( ايس ايس ڊي او) جي انتظام هيٺ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي سنڌ جي ٽن ڏينهن جي دوري جي حوالي سان مقامي هوٽل ۾ منعقد پروگرام ۾ خطاب ۾ ڪيو. بلديات واري وزير ان موقعي تي چيو ته اهڙي قسم جا دورا هجڻ گھرجن ۽ اهڙي موقعي تي صوبائي حڪومت جي ڪامياب منصوبن جا دورا به ڪرايا وڃن ته جيئن ٻنهين حڪومتن جي ڪوششن مان هڪٻئي کي سکڻ جو موقعو ملي سگھي. هن چيو ته مون کي ان ڳالھ جي خوشي آهي ته ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ سڀ پارليامنٽ جا ميمبر گڏ ٿيا آهن جيڪا خوشي جي ڳالھ آهي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ان دوري جو انتطام ڪرڻ تي ايس ايس ڊي او کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته پاڪستان مذهبي جماعتن سميت دهشتگردي کان متاثر رهيو آهي. ملڪ ۾ ماضي ۾ ٺهندڙ غلط پاليسين جيڪري دهشتگردي، فرقيواريت ۽ لسانيت کي هٿي ملي ۽ مسجد ، چرچ ۽ مندر کي نه بخشيو ويو. هن جو چوڻ هو ته پائيدار امن جي لاءِ سياسي قوتن کي پاليسي جوڙڻي پوندي. عوام جا چونڊيل نمائنده ئي عوام جي جذبن کي سمجھي سگھن ٿا ۽ انهن تائين امن جو پيغام پهچائي سگھن ٿا. هن چيو ته اختلاف رائي هجڻ خراب ڳالھ ناهي پر پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ سياسي جماعتن کي مشورا ڪرڻا پوندا. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي قانون بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سياسي رهنمائن جو ڪردار معاشري ۾ اهم آهي ۽ اهي معاشري ۾ تبديلي آڻي سگھن ٿا. هن جو چوڻ هو ته قانون جي اسيمبلي ۾ منظوري بعد به ان تي عملدرآمد ۾ رنڊڪون آهن. هن چيو ته سياستدان ڳالھ ٻولھ جي ذريعي مسئلن جي حل تائين پهچي ويندا ۽ اتفاق رائي قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن هن چيو ته اسان کي ملڪي مفادن تي ڪنهن به صورت ڪمپرومائيز نه ڪرڻ گھرجي. ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ايس ايس ڊي او سيد ڪوثر عباس جو چوڻ هو ته انهن پارليماني ايڪسچينج دورن جو مقصد صوبائي پارليماني ميمبرن ۾ هڪ ٻئي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن اهي هڪ صوبي جي سٺي قانونسازي ٻئي صوبي ۾ آڻي سگھن ۽ ٻئي جي سٺي روايتن کي سکي سگھن. سندن چوڻ هو ته ايس ايس ڊي او پارليامنٽ جي ميمبرن جي تربيت لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن کي اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري رهيو آهي جتي هو سياسي تعلق کان مٿاهون ٿي ملڪي امن ۽ بهتري جي لاءِ تجويزون ڏئي سگھن ۽ اتفاق رائي پيدا ڪري سگھن. بلديات واري واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ  پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۾ سونيئر ورهايا. جڏهن ته سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ جي انتظام هيٺ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جو ٽن ڏينهن وارو انٽر پالياماني اسڪچينج دورو اڄ پڄاڻي تي رسيو. پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ان بهترين دوري تي ايس ايس ڊي او کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جي دورن سان مختلف پارليامنٽ جي ميمبرن جي وچ ۾ هم آهنگي وڌندي آهي ۽ صوبائي پارليامان جي وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ ۾ واڌارو ٿيندو. ميمبرن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي اتحاد ۽ هاڪاري چهري کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سمورا اسيمبلي ميمبر جماعتن کان مٿاهون ٿي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن دوري جي دوران پنجاب اسيمبلي جي ٽيهن ميمبرن جي وفد وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سان ملاقات ڪئي. ميمبرن سنڌ اسميبلي جو به دورو ڪيو جتي سنڌ اسيمبلي جي ڪنوينر، سنڌ اسيمبلي ايس جي سي ٽاسڪ فورس پير مجيب الحق وفد جو استقبال ڪيو جڏهن ته اسيمبلي جي سيڪريٽري اسيمبلي جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن مختلف سيشن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سان مذاڪرن ۾ حصو ورتو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *