پناما ليڪس انڪشاف: نيب پاران آف شوز ڪمپنين جي مالڪن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پناما لِيڪس جي انڪشافن کانپوءِ نيب آف شور ڪمپنين جي مالڪن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته پنامالِيڪس جي انڪشافن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.برطانوي خابرو اداري پنامالِڪس جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن کانپوءِ پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿرٿلو متل آهي، اڪثر ملڪن ۾ ڪارروائيون به شروع ٿي چڪيون آهن. پنامالِڪس جي انڪشافن جو پاڪستان ۾ به قومي احتساب بيورو پاران سختي سان نوٽيس ورتو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پرڏيهه ۾ غير قانوني اثاثا ٺاهيندڙ ۽ آف شور ڪمپنين جي مالڪن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته پناما ليڪس جي انڪشافن کي نظر اندز نٿو ڪري سگهجي، آف شور ڪمپنين جي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *