پلئه صاف آهن مخالف ڪامياب نه ٿيندا:نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا ٽن سالن لاءِ بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏيندي پناما ليڪس جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ڪجهه سياسي مخالف ملڪي ترقيءَ ۾ رنڊڪ پيا وجهن، 2018 تائين ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان مخالفن جي سياست ختم ٿي ويندي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ تجويزن، ترقياتي منصوبن ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو  ويو، . اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت پاران ٽن سالن لاءِ بجيٽ تجويزون پيش ڪيون ويون، جنهن جي ڪابينا پاران منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب، ڪابينا پاران پاناما ليڪس معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪندي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم نواز شريف کي ڀيٽا پيش ڪئي. ترقي ۽ رٿابندي واري وزارت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چيني ڪائونسل موٽروي منصوبن لاءِ 4 ڏهائي 4 ارب ڊالرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، موٽرويز ۾ سکر-ملتان، حويليان ۽ ٿاڪوٽ شامل آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته توانائي منصوبن لاءِ چيني پاران ڏنا ويندڙ 34 ارب ڊالر قرض نه پر سيڙڪاري آهي، موجوده حڪومتي دور ۾ ئي گيس بحران تي ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته 1999 کانپوءِ اقتدار ۾ آيل پارٽيون توانائي بحران ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون پر ن ليگ جي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد توانائي منصوبن کي اوليت ڏني. هن چيو ته منصوبن ۾ شفافيت جو نئون معيار قائم ڪيو آهي، سمورا ادارا ملڪي معيشيت ۾ مضبوطيءَ جو ادارا ڪري رهيا آهن پر ڪجهه سياسي مخالف ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهن پيا. وزيراعظم چيو ته سياسي مخالف حڪومت جي ڪاميابين مان خوفزده آهن، 2018 تائين ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ بعد مخالفن جي سياست به ختم ٿي ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پي پيداوار شروع ٿي وئي آهي، جنهن تي کيس ڏاڍي خوشي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *