پشاور ۾ هر طرف قيامت جهڙا منظر، گهٽِ گهٽِ ۾ لاش پهچايا ويا، هر هنڌ جنازي نمازون پڙهيون ويون

پشاور(م.ڊ) پشاور ۾ هر طرف قيامت جهڙا منظر آهن، شهر جي گهٽي گهٽي ۾ لاش پهچايا ويا ۽ جنازي نمازون پڙهيون ويون، ڪور هيڊ ڪوارٽر ۾ غائباڻي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير، آرمي چيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل ڌماڪي کانپوءِ شهر ۾ هر طرف قيامت جهڙا منظر آهن، 132 شاگردن ۽ اسٽاف جي 9 ماڻهن جا لاش شهر جي گهٽي گهٽي ۾ پهچايا ويا آهن، شهيد ٻارڙن جون مختلف هنڌن تي جنازينمازون پڙهيون ويون. دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارڙن جا وارث رڙيون ڪندي روئندا رهيا شهر ۾ هر اک آلي آهي، شهيدن جي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي. ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور ۾ شهيدن جي غائباڻي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ خيبر پختون خواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، گورنر مهتاب عباسي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ميجر جنرل رضوان اختر، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوڏانهن بچي ويل شاگردن ۽ ٻين شاگردن جو چوڻ آهي ته هنن جا حوصلا مضبوط آهن دهشتگرد هنن جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿا سگهن، هو هاڻي به فوجي اسڪول ۾ پڙهندا ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏيندا…….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *