پشاور ۾ دهشتگردي جو واقعو صوبائي حڪومت جي نااهلي آهي: الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحده سربراهه الطاف حسين پشاور ۾ ڪاليج ٻاهران ڌماڪي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جو واقعو صوبائي حڪومت جي ناڪامي آهي، بم ڌماڪي والدين جي خوف ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.  لنڊن مان جاري  ڪيل بيان ۾ الطاف حسين پشاور ۾ ڪاليج ٻاهران بم ڌماڪي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. الطاف حسين چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جو واقعو صوبائي حڪومت جي نااهلي آهي، بم ڌماڪي سان والدين جي خوف ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ  ڪي پي ڪي حڪومت اسڪولن جي  سيڪيورٽي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *