پشاور: ڪيترائي ٻارڙا کوهه ۾ ڪري پيا، 5 جا لاش ڪڍيا ويا

پشاور(م.ڊ) پشاور جي علائقي پشته خره ۾ کوهه جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ٻارڙا فوت، 8 کي ٻاهر ڪڍيو ويو وڌيڪ بارڙن جي موجودگي جو خدشو آهي، ايس پي ڪينٽ مطابق پشته خره جي علائقي ۾ ٻار هڪ گهر ۾ قرآن جي تعليم حاصل ڪرڻ آيا هئا جتي ڇت ڪمزور هجڻ سبب ڪيترائي ٻار کوهه ۾ وڃي ڪريا واقعي ۾ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته ريسڪيو ادارن 8 کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي هت وڌيڪ ٻار کوهه ۾ موجود هجڻ جو خدشو آهي، ريسڪيو ادارا امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *