پشاور لڳ ڪمري ۾ جنريٽر جي گئس ڀرجڻ سبب 4 ڄڻا فوت

پشاور (اي پي پي)پشاور ۾ گهر جي ڪمري اندر جنريٽر جي دونهين پکڙجڻ جي ڪري 4 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، پوليس موجب پشاور جي پسگردائي واري علائقي ۾ بدقسمت شخص شمشير، سندس پٽ ۽ 2 ڀائٽيا جنريٽر واري ڪمري ۾ ستل هئا، گهر ۾ شادي رٿيل هئي، جنهن ڪري مهمان ترسيل هئا ۽ جنريٽر واري ڪمري ۾ حفاظتي اپائن بغير ستل ماڻهو زهريلي گئس جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 60 سالا شمشير، 12 سالا پٽ قرار، ڀائٽيا 13 سالا بلال ۽ 15 سالا واجد شامل آهن، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *