پشاور لڳ چارسده روڊ تي حادثي ۾ 5 ماڻهو فوت، 3 زخمي

پشاور(اي پي پي) چارسده روڊ تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب فوتين ۾ 2 عورتون ۽ 3 مرد، جڏهن ته زخمين ۾ هڪ عورت ۽ 2 مرد شامل آهن، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب سومر ڏينهن هڪ مسافر گاڏي جيڪا شب قدر کان وڃي رهي هئي ته تيز رفتاريءَ جي ڪري ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري هڪ جنرل اسٽور ۾ وڃي لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ اسٽور جو شيلٽر گاڏيءَ مٿان اچي ڪِريو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *