پشاور سانحي سبب شهيد ڀٽو جي سالگره انتهائي سادگي سان ملهائي ويندي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ وزير اعليَ سيد قائم علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته اڄ 5 جنوري تي پي پي پي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره پشاور سانحي جي ڪري انتهائي سادگي سان ملهائي ويندي ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسم ادا نه ڪئي ويندي  جڏهن ته ان موقعي تي صرف قرآن خواني ڪرائي ويندي . شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سانحه پشاور جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويندي ۽ لنگر ورهايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *