پشاور سانحي جي ماسٽر مائينڊ جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو)  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته پشاور سانحي جي ماسٽر مائينڊ جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. اسلام آباد ۾ گهرو کاتي جي عملدارن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار علي چيو ته پشاور حملي جي ماسٽر مائينڊ جي ساٿين جي به سڃاڻپ ٿي وئي آهي. هن چيو ته حملي دوران مارجي ويل نون دهشتگردن جو رڪارڊ هنن وٽ موجود ناهي. وفاقي وزير خدشو ظاهر ڪيو ته مارجيويل پرڏيهي ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته حملي جي ماسٽر مائينڊ جو واسطو افغانستان سان آهي. چوڌري نثار چيو ته حملي ڪندڙن جي گاڏين جي سڃاڻپ به ٿي وئي آهي. عملدارن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چوڌري نثار علي ٻڌايو ته هاڻ پاسپورٽ ٺاهڻ جو اختيار سفارتخانن کي به ڏنو ويو آهي. هن چيو ته 91 سفارتخانن ۾ پاسپورٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويندي. چوڌري نثار چيو ته 66 سفارتخانن ۾ پاسپورٽ ٺاهڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 14 سفارتخانن ۾ پاسپورٽ جو سسٽم فراهم ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ٽوبيار مارٽن ايلوڊ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي،جنهن دوران خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير ملاقات دوران چيو ته پاڪستان، برطانيا سان دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، هن چيو ته آپريشن ضرب عضب پنهنجا مقصد ماڻيندو تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ سچائي سان قدم کڻي رهيو آهي. ان موقعي تي برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته امن حاصل ڪرڻ ۽ دهشتگري جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته برطانيا دهشتگردي خلاف پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي ڪوششن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، گهرو وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ملاقات ۾ پاڪ – برطانيا لاڳاپن ۽ ٻطرفي سهڪار تي به ڳاله ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات دوران پاڪستان ۾ برطانوي هائي ڪمشنر فلپ مارٽن پڻ موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *