پشاور سانحي جا وڌيڪ 5 زخمي فوت، 134 شاگردن سميت شهادتون ماڻيندڙن جو انگ 146 ٿي ويو

پشاور (بيورو) آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي ٿيل حملي جا 5 وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ حملي ۾ شهادتون ماڻيندڙن جو انگ وڌي 146 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 134 شاگرد آهن. پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي گذريل ڏينهن دهشتگردن سفاڪاڻي ڪارروائي ڪري گُلن جهڙن ٻارڙن جون حياتيون وٺڻ لاءِ مٿن فائرنگ ڪئي ۽ ڌماڪا به ڪيا، جنهن ۾ گذريل ڏينهن تائين 132 شاگردن سميت 141 ڄڻا شهيد ٿيا هئا، جڏهن ته حملي ۾ 140 کان وڌيڪ ٻارڙا زخمي ٿيا، جن جو پشاور جي مختلف اسپتالن ۾ اعلاج جاري آهي. سي ايم ايڇ اسپتال پشاور ۾ داخل زخمين مان پنج ڄڻن اڄ شهادت جو جام نوش ڪيو، جن ۾ ٻه شاگرد ۽ ٽي اسٽاف جا ماڻهو شامل آهن. ٻن شاگردن ۽ اسٽاف جي ٽن ڄڻن جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ پشاور سانحي جي شهيدن جو انگ وڌي 146 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *