پشاور سانحو هيانءُ ڏاريندڙ هو پوري قوم کي جنهن جنجهوڙي ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان

ڊيرااسماعيل خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل طور تي ميمبرن جماعتي آئين ۾ ترميم ڪري سڄي ملڪ ۾ يونين ڪائونسل جي سطح کان وٺي مرڪزي سطح تائين عهديدارن جو مدو ٽن سالن مان وڌائي پنج سال ڪيو ويو سکر ۾ ٿيندڙ ان اجلاس جي صدارت مولانا فضل الرحمان ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ٻه وفاقي وزير محمد اڪرم خان دراني، مولانا عبدالغفور حيدري سميت ميمبرن شرڪت ڪئي جامعه حماديه ۾ ٿيل اهم اجلاس جا سيڪريٽري جا فرض پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري مولانا امجد خان نبايا اجلاس ۾ هڪ ٻي ترميم ذريعي مرڪزي شوريٰ کي اختيار ڏنو ويو ته هو قومي اسيمبلي صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ٽڪيٽن جي ورڇ سمورا اختيار سمورن صوبن سان گڏوگڏ گلگت بلتستان جي مجالس عامله کان وٺي مرڪزي جماعت جي حوالي ڪري ۽ طريقيڪار به جوڙي ان کان پوءِ مولانا فضل الرحمان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سانحو آرمي پبلڪ اسڪول پشاور هانءُ ڏاريندڙ هو هن پوري قوم کي جنجهوڙي ڇڏيو پر هي ڳالهه پنهنجي جڳهه هڪ سواليه نشان آهي ته دهشتگرد اسڪول ڪيئن پهتا انهن جي مدد ڪندڙ ڪير هئا صوبائي حڪومت ڪٿي هئي هن چيو ته 2004 ۾ جنرل مشرف جي حڪومت ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان هڪ معاهدو ٿيو هو ان تي عملدرآمد ڪيو وڇي مدرسن جو نصاب تعليم سان انتهاپسندي پيدا ناهي ٿيندي 21هين ترميم سان فرق واريون ڳالهيون ختم ڪيون وڃن مدرسن ۽ مدرسي وارن کي ٽارگيٽ نه ڪيو وڃي هن چيو ته جيڪو رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف هٿيار کڻي اهو ئي دهشتگرد هئڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *