پشاور حملي جو جهاد سان ڪو تعلق نه آهي، حملو زمين تي فساد آهي: مونالا فضل الرحمان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ۽ ٻارڙن جو موت ٻئي مذمت جوڳا آهن، حملي جو جهاد سان ڪو به تعلق نه آهي هي حملو فساد في العرض آهي، مقدس جنگ جهاد دوران به عورتن ۽ ٻارڙن ۽ بزرگن کي نقصان نه پهچائڻ جو درس ڏئي ٿي پر پشاور سانحي کي بنياد بڻائي ڪنهن هڪ مڪتب فقر يا مسجدن خلاف مهم شروع ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، مولانا عبدالعزيز جي خيالن ۽ ڳالهه ٻولهه سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر ان کي بنياد بڻائي مسجدن، مدرسن ۽ عالمن خلاف مهم هلائڻ سراسر پشاور سانحي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ قومي اتفاق راءِ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش آهي، الطاف جو بيان چڙ ڏياريندڙ ۽ افسوسناڪ آهي، الطاف حسين کي مسجد ساڙڻ جي بيان تي الله کان معافي وٺڻ گهرجي، سزائون لاڳو ڪرڻ ۾ ٻٽو معيار وڌيڪ ڏوهن جو سبب ٿيندو، سمورن ڏوهارين کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي، عالم دهشتگردي خلاف اڳ به هئا ۽ هاڻ آهن، ماضي ۾ جهاد افغانستان ۽ ڪشمير ۾ حصو وٺڻ مذهبي جماعتن جو جرم آهي ته جرم سول ۽ فوجي حڪمرانن به ڪيو آهي، سڀني کي سزا ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي انصار العما جو اڳواڻ مولانا بدر منير، حافظ ادريس ۽ مولانا يار محمد به موجود هئا. مولانا فضل الرحمان خليل چيو ته پشاور سانحي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي ان حوالي جو ڪو جواز قابل قبول نه آهي، هن چيو ته اسڪول جي معصوم ٻارڙن کي قتل ڪرڻ هي جهاد نه پر فساد آهي، ڇو نه انهن ٻارڙن جو تعلق مسلمانن سان هجي يا غير مسلمانن سان هجي، اسلام انهن کي قتل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *