پشاور حملو انسانيت تي حملو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

پشاور (بيورو) ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ميجر جنرل عاصم باجوه چيو آهي ته پشاور وارو حملو انسانيت تي حملو ۽ اسلامي تعليمات خلاف آهي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوه چيو ته پشاور سانحو قومي الميو آهي ۽ اِهو داغ سڄي زندگي ڌوپي نه سگهندو. ميجر جنرل عاصم باجوه چيو ته پشاور سانحي سبب ملڪي تاريخ جو اڄ ڪارو ڏينهن آهي. هن چيو ته 7 دهشتگرد اسڪول جي پوئين پاسي کان ڏاڪڻ رکي اسڪول اندر داخل ٿيا ۽ انهن انڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪري گلن جهڙن ٻارڙن کي رت ۾ وهنجاريو ۽ انهي هاڃي سبب ئي اڄ هو اتي بيٺو آهي، جتي شاگردن کي هجڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *