پشاور جي امام بارگاهه مسجد ۾ خودڪش ڌماڪو، فائرنگ، 22 نمازي شهيد

پشاور (بيورو) دهشتگردن، پشاور کي هڪ ڀيرو وري رت ۾ وهنجاري ڇڏيو آهي، حيات آباد واري علائقي ۾ اماميه مسجد ۽ امام بارگاهه اندر جمعي نماز دوران آپگهاتي بم ڌماڪن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 22نمازي شهيد ٿي ويا ۽ 45 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان قبولي ورتي. پشاور جي علائقي حيات آباد فيز پنج ۾ قائم اماميه مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ جمعي نماز دوران 6 دهشتگردن اندر گهڙي 3 ڌماڪا ڪرڻ بعد فائرنگ شروع ڪري ڏني. حملي جي نتيجي ۾ 22نمازي شهيد ٿي ويا ۽ 45 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته واقعي بعد فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ورتو ۽ پاڪ فوج جي جوانن کي به طلب ڪيو ويو. سڪيورٽي فورسز ۽ پاڪ فوج جا جوان مختلف هنڌن تي پوزيشنون سنڀالي بيٺل آهن. ڌماڪن کانپوءِ امام بارگاهه ٻاهران بيٺل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي،جڏهن ته ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. آپگهاتي حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل 22نمازين جا لاش ۽ زخمين کي امدادي رضاڪارن کڻائي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس سميت ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو. اسپتال انتظاميا موجب زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،جنهنڪري جاني نقصان ۾ واڌ جو خدشو آهي. اسپتال انتظاميه ايمرجنسي لاڳو ڪندي عوام کي زخمين لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي آهي. حملي جي اکين ڏٺن شاهدن موجب ايف سي جون ورديون پهريل 6 دهشتگردن جمعي نماز دوران مسجد اندر داخل ٿي پهرين 2 دستي بم اڇلايا،جنهن بعد هڪ دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. اکين ڏٺن شاهدن ميڊيا کي وڌيڪ ٻڌايو ته مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ ڌماڪي وقت ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهو موجود هئا. مختلف اسپتالن جي انتظاميا ۽ ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري وزير مشتاق غني موجب ڌماڪن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 22نمازي شهيد ٿيڻ ۽ 45 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف پشاور ۾ موجوده پِي ٽِي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وڏي وزير پرويز خٽڪ اطلاع ملڻ تي بنا دير واقعي واري هنڌ پهتا ته سڪيورٽي اهلڪارن اڳتي وڃڻ کان روڪي ورتو. آخري اطلاعن تائين سڪيورٽي فورسز امام بارگاهه تي حملي بعد حيات آباد واري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دوران ڪجهه گرفتاريون پڻ ڪيون ويون آهن. هوڏانهن پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. ٻئي طرف مجلس وحدت المسلمين، اماميه رابطا ڪائونسل ۽ جعفريه الائنس پاران ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *