پشاور آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت، قرارداد کان اڳ شهيدن لاءِ خاص فاتح خواني

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پشاور سانحي جي شهيدن جي چاليهي تي هڪ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. قرارداد کان اڳ شهيدن لاءِ خصوصي فاتح خواني ڪئي وئي، قرارداد منظور ٿيڻ بعد شهيدن جي عظيم قربانين جي احترام ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اها قرارداد سينيئر وزير نثار احمد کهڙو ، مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر، پي پي جي مهيش ملاڻي، ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن مسلم ليگ ن جي شفيع محمد ڄاموٽ پيش ڪئي جنهن تي سڀني ميمبرن صحيحون ٿيل هنيون . قرارداد ۾ چيو ويو ته اسان 16 ڊسمبر 2014 تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ طالبان جي بربريت، وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا جنهن ۾ 6 کان 14 سالن جي عمر جا 132 ٻارڙا ۽ اسٽاف جا ڪجهه ماڻهو شهيد ٿيا ۽ اٽڪل ايترا ئي ماڻهو زخمي ٿيا اسان نه صرف ان واقعي جي مذمت ڪيون ٿا پر جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيون ٿا . اسان شهيدن جي والدين ۽ گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ڪيون ٿا ۽ دعا ڪيون ٿا ته ڌڻي تعاليَ انهن شهيدن جا درجات بلند فرمائي . ان کان اڳ وزير اعليَ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو ته اڄ وڏو ڏک وارو ڏينهن آهي ڇو ته اڄ سانحي پشاور جي شهيدن جو چاليهو آهي اسان ان موقعي تي اسڪولن ۽ آفيسن ۾ دعا جي لاءِ تقريبون منعقد ڪرايون آهن ايوان ۾ به شهيدن جي لاءِ خاص دعا ڪرائي وڃي وڏي وزير جي ان تجويز تي ايوان اتفاق ڪيو ۽ نه صرف خصوصي دعا ڪرائي پر هڪ متفقه طور تي قرارداد به منظور ڪئي ۽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي اسپيڪر اغا سراج دراني جي تجويز جي به تائيد ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *