پشاور، مسافر ڪوچ ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا فوت، 8 سخت زخمي

NNI02-45پشاور (م.ڊ) پشاور لڳ علائقي بازيد خيل جي اسٽيفن چوڪ تي مسافر ڪوچ ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا فوت، 8 سخت زخمي، اسپتال منتقل. تفصيل موجب بازيد خيل ۾ اسٽيفن چوڪ تي مسافر ڪوچ ۾ سيلينڊر ڦاٽڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي بعد مسافر ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 1 1 سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته هاءِ ايس ڪوچ به مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پهچي زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچايو جتي عورت سميت وڌيڪ/3 ڄڻا زخمن جي سٽ نه سهندي ساهه ڏئي ويٺا. اسپتال ذريعن موجب زخمين ۾ ڪجهه جي حالت نازڪ آهي، مسافر ڪوچ ۾ ٿيل ان ڌماڪي بابت اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو ته اهو دهشتگردي جو نتيجو آهي يا گئس سيلينڊر ڦاٽڻ سان ٿيو آهي. پوليس ۽ ٻين ادارن جي جاچ جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *