پسند جي شادي ڪئي پر شادي 100 سيڪڙو والدين جي مرضي سان ٿي هئي : مشتاق احمد

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق ۽ ليگ اسپنر مشتاق احمد نجي چينل جي پروگرام ۾ پنهنجي شادين بابت دلچسپ ڳالهيون ڪيون. پروگرام دوران اڳوڻي ٽيسٽ رانديگر کان پڇيو ويو ته ڪيترا سيڪڙو ماڻهو والدين جي پسند ۽ ڪيترا سيڪڙو پنهنجي مرضي سان شادي ڪندا آهن؟قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق ٻڌايو ته منهنجي شادي 100 سيڪڙو والدين جي مرضي سان ٿي هئي. مشتاق احمد چيو ته مون پسند جي شادي ڪئي پر ان ۾ والدين جي مرضي به شامل هئي. اڳوڻي ليگ اسپنر ٻڌايو ته منهنجي گهر واري سان شادي کان اڳ ملاقات جي ڪهاڻي به ڪافي دلچسپ آهي.اسان هڪ مانجهاندي تي ويل هئاسين. وقار يونس ۽ عاقب جاويد به مون سان گڏ هئا ته هڪ عورت انهن کان آتو گراف وٺي رهي هئي. مشتاق احمد وڌيڪ ٻڌايو ته مون ان عورت کي چيو ته مان به رانديگر آهيان، اوهان منهنجو به آٽو گراف وٺو. بس اتان کان ئي اسان وچ ۾ دوستي جي شروعات ٿي ۽ پوءِ شادي ٿي وئي.مشتاق احمد چيو ته پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو ماڻهو والدين جي مرضي سان شادي ڪندا آهن ۽ 55 سيڪڙو پسند جي شادي ڪندا آهن. ان سوال جي جواب ۾ انصمام الحق چيو ته پاڪستان ۾ 65 سيڪڙو ماڻهو والدين جي مرضي سان شادي ڪندا آهن جڏهن ته 35 سيڪڙو پسند جون شاديون ڪندا آهن.عوام طرفان ان سوال جو جواب ڏيندي چيو ويو ته پاڪستان ۾ 85 سيڪڙو ماڻهو والدين جي مرضي سان شادي ڪندا آهن ۽ پسند جي شادي ڪندڙن جو تعداد صرف 15 سيڪڙو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *