پرڏيهي پاليسي، نيشنل ايڪشن پلان تي بريفنگ لاءِ ان ڪئميرا اجلاس سڏايو وڃي: رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ۽ بحث لاءِ سينيٽ يا پارليمان جو ان ڪئميرا اجلاس سڏايو وڃي اربع تي سينيٽ اجلاس دوران ميان رضا رباني چيو ته پنهنجي عهدي جي حلف کي نظر ۾ رکندي مان حڪومت کي تجويز ڏيڻ چاهيان ٿو ته سينيٽ پارليمان جو ان ڪئميرا سيشن گهرائي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ۽ بحث ڪيو وڃي پارليمان انهيءَ لاءِ هوندو آهي ته هي مناسب هوندو جيڪڏهن حڪومت ان تي غور ڪري مان حڪومت کي هدايت نٿو ڏيئي سگهان تجويز ڌيئي سگهان ٿو اميد آهي ته حڪومت ان تي غور ڪندي پرڏيهي صلاحڪار وزيراعظم کي هي تجويز پهچائي سوالن جي وقفي دوران نيڪٽا ۾ مقررين بابت گهرو مملڪتي وزير جي جواب تي چيئرمين سينيٽ چيو ته بيروڪريسي جو ان حوالي سان رويو نامناسب آهي تاڪه هي رويو نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرامد جي حوالي سان پارليمينٽ جي ڪوششن کي ضايع ڪري رهيو آهي چيئرمين سينيٽ ديواني جي تهوار تي هندو برادري کي واڌايون ڏنيون آهن ميان رضا رباني چيو ته هندو برادري اڄ ديوالي جو تهوار ملهائي رهي آهي هن موقعي تي انهن کي مبارڪون ڏيان ٿو هن اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ اندر بين المذاهب هم آهن تي کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *