پرڏيهي وزير نه هجڻ پاڪستان جي ڪمزوري ۽ مائنس ون جو فارمول پراڻو آهي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جهان خان_باگڙجي روڊ جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ تي چيف انجنيئر پريم چند کي ٻانهن مان جھلي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيف انجنيئر جي آڏو وڏا وڏا پٿر کڻي اڇلايا. ان موقعي تي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته روڊ جي تعمير ۾ ايترا وڏا وڏا پٿر؟ ايتري وڏي سائز جا پٿر روڊن کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. هن چيو ته روڊ جي تعمير ۾ 2 انچ واري پٿر بدران 5 انچ وارو پٿر ڇو پيو استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته آفيسرن جي ڪرپشن جي ڪري سنڌ حڪومت بدنام ٿي رهي آهي. 35 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ آهي ان کي ائين ته نه ڇڏينداسين. ان موقعي تي چيف انجنيئر هاءِ ويز پريم چند مخالف ڌر اڳواڻ کي ٻانهون ٻڌندو ۽ وضاحتون ڏيندو رهيو. واضح رهي ته چيف انجنيئر پريم چند پاڻ سيد خورشيد شاهه کي روڊ جو معائنو ڪرائڻ لاءِ وٺي آيو هو.  ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پرڏيهي وزير نه هجڻ پاڪستان جي ڪمزوري آهي، ڀارت پاڪستان ۾ به مداخلت ڪري رهيو آهي، هندستان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي اڪيلو ڪيو وڃي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته سارڪ ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ وڏي ناڪامي آهي، بلوچستان ۾ جيڪا راند ڪئي پئي وڃي، حڪومت ۽ ادارن کي سوچي سمجھي قدم کڻڻو پوندو. هن چيو ته مائنس ون جو فارمول اڄ جو نه 70 واري ڏهاڪي کان هلندو پيو اچي، عوام فيصلو ڪري ته ڪير مائنس ون آهي؟ خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سياستدانن جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، اسين پارليامينٽ کي بچائڻ گھرون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *