پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ انٽوني بلنڪن جي ملاقات گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت ۾ ٿي. ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته بلاول سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط واپار ۽ اقتصادي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته علائقائي سيڪيورٽي تي گفتگو به ملاقات ۾ شامل آهي، پاڪستان جي 77 جي سربراهي ڪري رهيو آهي، آمريڪا ان سان به بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت ۽ بلاول سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي خوشي آهي، بلاول سان فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اهو اهم چئلينج آهي، جنهن کي سڄي دنيا منهن ڏئي رهي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو شديد ٿي چڪو آهي، ان سان وڌيڪ 40 ملين ماڻهو فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلن جو شڪار ٿيا، فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان گڏ ٿي رهيا آهيون، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي شموليت تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي ڌيان آهي. هوڏانهن ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *