پرڏيهي سيڪريٽري ڳالهين ۾ ڀارتي مداخلت ايجنڊا جو حصو هوندي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ڀارت سان بامعنيٰ ۽ سنجيده ڳالهين تي زور ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري سطح تي ڳالهين ۾ پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت به ايجنڊا جو حصو هوندي سرڪاري خابرو اداري مطابق پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ڀارت سان سمورن مسئلن جي حل لاءِ بامعنيٰ ۽ سنجيده ڳالهيون چاهي ٿو جڏهن ته عالمي برادري به ٻنهي ملڪن تي زور ڏئي رهي آهي ته ڳالهين جي عمل ۾ اڳڀرائي ڪريون، هن چيو ته آمريڪا ۽ بين ملڪن قبول ڪيو آهي ته ڀارت گذريل سال پرڏيهي سيڪريٽري سطح جي ڳالهين کي هڪ طرفي طور ختم ڪري سٺو نه  ڪيو هو جڏهن ته ڀارت سان ڳالهين ۾ سر ڪريڪ ۽ سياچن جي ميئلن تي پهريان ئي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ سيڪريٽري سطح تي ڳالهين ۾ پاڪستان ۾ ڀارت مداخلت به ايجنڊا جو حصو هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *