پرڏيهي سيڪريٽري جي يو ايس ايڊ جي وقتي ايڊمنسٽريٽرسان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري يو ايس ايڊ جي وقتي ايڊمنسٽريٽر الفانسو لين هارٽ سان ملاقات ڪئي ۽ ان اداري ذريعي اقتصادي ۽ سماجي سميت ٻين شعبن ۾ امريڪي سهڪار جي ساراهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ملاقات جو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ان ملاقات ۾ اقتصادي سهڪار جي صورتحال ۽ پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي امدادي پروگرامن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي سيڪريٽري سيڙپڪاري جي صورت ۾ امريڪي امداد کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن جو مستقبل قرار ڏنو ۽ خاص طور تي توانائي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ يو ايس ايڊ جي منصوبن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته اهڙا منصوبا ان رليف جي علامت آهن جيڪي پاڪ امريڪا ڀائيواري جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام کي ڳنڍڻ لاءِ آهن. هن پن بجلي جي ديا مير ڀاشا، گومل زام ۽ داسو منصوبن لاءِ امريڪي سهڪار ۽ امداد جي خاص طور تي ساراهه ڪئي.الفانسو لين هارٽ چيو ته يو ايس ايڊ اهڙن سڀني منصوبن تي واسطيدار ڌرين جي ويجهي سهڪار سان ڪم ڪندو جيڪي پاڪستان کي جٽادار ترقي جي راهه تي آڻي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *