پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو وٺن: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو وٺن ملڪ جي لبرل سيڙپڪاري نظام سان پرڏيهي ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي صدر عارف علوي سان برطانيا جي ڪاروباري وفد ملاقات ڪئي صدر ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سرمايو لڳائڻ جا کوڙ موقعا آهن پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو وٺن هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ ڪشش رکندڙ هند آهي عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ سٺا معاشي ۽ واپاري لاڳاپا آهن برطانيا جا ڪاروباري ماڻهو معيشت جي مختلف شعبن ۾ سرمايو لڳائين هن چيو ته حڪومت خاص اقتصادي ۽ ٽيڪنالوجي زونز اٿارٽي کي قائم ڪيو حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن جا حوصلا وڌائڻ لاءِ مراعتون ڏئي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *