پرڏيهي اين جي اوز جي سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ اليڪٽرانڪ رجسٽريشن سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت، بين الاقوامي اين جــِي اوز جي سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ اليڪٽرانڪ رجسٽريشن سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صلاحڪار طارق فاطمي جي صدارت هيٺ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي ميمبرن تي ٻڌل خاص ڪميٽي جو اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي اين جــِي اوز جي سرگرمين بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽي، 7 نقاطي سفارشون وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيو، جن ۾ پرڏيهي اين جِي اوز جي رجسٽريشن لاءِ 10 ڏينهن ۾ اليڪٽرانڪ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي اين جِي اوز جي آن لائن رجسٽريشن لاءِ پهرين مرحلي ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي ۽ پوءِ حاصل ٿيندڙ درخواستن جي 45 ڏينهن اندر ڇنڊڇاڻ ڪرائي ويندي. اين جــِي اوز جي ماضي جي سرگرمين ۽ فنڊنگ جي ذريعن جي تصديق ڪئي ويندي ۽ ڪليئر ٿيندڙ پرڏيهي اين جــِي اوز کي خاص علائقن ۾ ڪم جي اجازت ڏني ويندي جڏهن ته اڻپوري آن لائين فارم جون درخواستون رد ٿي وينديون. خاص ڪميٽيءَ پرڏيهي اين جــِي اوز جي رجسٽريشن جو ڪم گهرو وزارت کي سونپڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته هر اين جــِي او جي رجسٽريشن تي پروفارما گهرو وزارت کي موڪليو ويندو. اقتصادي ڊويزن جي ميمبرن تي ٻڌل خاص ڪميٽي آمريڪي اين جي او ”سيو دي چلڊرين“ سميت 9 پرڏيهي اين جــِي اوز کي نئين سر رجسٽريشن جي هدايت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *