پرڏيهي آفيس گورداس حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جي ڀارتي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي آفيس گورداس حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جي ڀارتي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته جاچ کان سواءِ الزام هڻڻ ڪو صحتمند رجحان ناهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار ٿيو آهي. اها ڳالهه افسوس ناڪ آهي ته ڀارتي ميڊيا پاڪستان تي الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي اڃا جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان گرداس پور حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت سان اڳ ۾ ئي هڪ بيان جاري ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل احترام تي ٻڌل ناتن کي معمول تي آڻڻ لاءِ سڀني قدمن جو پڪو عزم ڪيو آهي ۽ جٽادار ڳالهين جي عمل ذريعي سڀني حل طلب معاملن جي نبيري جو ٺوس عزم رکي ٿو. ترجمان چيو ته ڀارت طرفان سيز فائر جي خلاف ورزي تي پاڪستان ٻه بيان جاري ڪيا جنهن ۾ پاڪستان جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيل هڪ ڊرون کي ڪيرائڻ بابت بيان به شامل آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنٽرول لائين يا ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي خلاف ورزي ٿي ته اسان ڳڻتي جو اظهار ڪنداسين. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارت ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڀارتي پنجاب ۽ هريانه جو پنهنجو دورو ملتوي ڪيو ڇو ته ڀارت هاءِ ڪميشن جي ٻن آفيسرن ۽ هڪ ڊرائيور کي دوري جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو جيڪي هاءِ ڪمشنر سان گڏ وڃي رهيا هئا. طالبان اڳواڻ ملا عمر جي مارجڻ جي خبرن بابت ترجمان چيو ته پاڪستان انهن خبرن جي تصديق ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي موقف بابت ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي مفاد جي تحفظ لاءِ ڪنهن به ايشو تي پنهنجي ڳڻتي جي اظهار جو حق رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ سڀئي ضروري قدم کڻندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *