پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهيندڙن خلاف جاچ شروع، ايف بي آر جا آفيسر به شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ايف آئي اي گذريل ڪجهه سالن جي دوران ناجائز پئسي ذريعي پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهيندڙ سوين صنعتڪارن، سياستدانن ۽ اعلايٰ سرڪاري آفيسرن جي خلاف باقائده جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ايف آئي اي سنڌ زون کي قومي سلامتي جي ادارن پاران پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهيندڙن صنعتڪارن، سياستدانن ۽ اعلايٰ سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڊگهي فهرست ڏني وئي هئي، جنهن۾ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سان لاڳاپيل سوين اهم شخصيتون شامل آهن. ذريعن مطابق ايف آئي اي کي ان سلسلي ۾ گهڻي ڄاڻ ڏني وئي آهي، جن ۾ پرڏيهه ۾ ملڪيت وٺندڙن جا نالا آهن، ورتل مليت جو پوسٽل ايڊريس، وٺڻ جي تاريخ ۽ ملڪيت جي قيمت شامل آهي. ايف آئي اي اختيارين کي ذميواري ڏني وئي هئي ته هو ان سلسلي ۾ جاچ ڪري ۽ اها ڄاڻ وٺي ته لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي جائز اپت مان پرڏيهه ملڪيت وٺڻ جا اهل هئا يا نه ۽ ملڪيت وٺڻ لاءِ منتقل ڪيل پئسو قانوني طريقي سان پرڏيهه ويو يا ان لاءِ حوالا ۽ هنڊي يا ٻين غيرق قانوني ذريعن کي استعمال ڪيو ويو.ذريعن مطابق ملڪ جي سوين اهم شخصيتن تي ٻڌل فهرست ۾ فيڊرل بورڊ آف ريونيو جا ڪيترا ئي اعليٰ آفيسر به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *