پرڏيهه ۾ ملڪيتون لڪائيندڙ دنيا جي 12 موجوده ۽ اڳوڻن حڪمرانن جا پول پڌرا، عالمي سياست ۾ ٿرٿلو

اسلام آباد/لنڊن(م.ڊ)  پنهنجي ملڪيت يا ڪارو ناڻو پرڏيهه اماڻينندڙ دنيا جي 12 هاڻوڪن ۽ اڳوڻن سربراهن جي فهرست انٽرنيٽ تي جاري ٿي وئي آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف۽ سندس ڪٽنب به شامل آهي، اهڙي خبر سان عالمي سياست ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، برطانوي ميڊيا مطابق هڪ جرمن اخبار صحافتي تاريخ جو سڀ کان وڏو راز فاش ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن مطابق پانامينين قانون جا هڪ ڪروڙ 16 لک دستاويز انٽرنيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن،جن ۾ دنيا جو اهو سچ وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪو هن مهل تائين لڪل هو، جرمن اخبار جي دعويٰ آهي ته ان کي اهي دستاويز پانامينين لا فرم جي هڪ اڻڄاڻ ذريعي ڏنا، جنهن موٽ ۾ نه ڪو معاوضو ۽ نه ئي ڪا ٻي شيءِ گهري، جرمن اخبار مطابق هن انهن دستاويزن جي جاچ دوران دنيا جي 80 ملڪن جي 100 ميڊيا گروپن سان لاڳاپيل 400 صحافين کان ڄاڻ گڏ ڪئي ، جنهن کانپوءِ اها ڄاڻ صحافين جي عالمي تنظيم سان ونڊي وئي، انٽرنيٽ تي جاري ڪيل دستاويزن ۾ دنيا جي انهن 12 هاڻوڪن ۽ اڳوڻن حڪومتي سربراهن توڙي مختلف ملڪن جي 128 سياستدانن ۽ سرڪاري شخصيتن جا نالا ڏنا ويا آهن، جن پنهنجي ملڪيت پرڏيهه ۾ لڪائي آهي، دنيا جي امير ترين ماڻهن جي ڳجهن اثاثن جا تفصيل منظر عام تي اچي ويا آهن، برطانوي اخبار موجب پاناما ليڪس طرفان جاري ڪيل تفصيلن ۾   سڄي دنيا جي سياستدانن پنهنجا اثاثا ٻاهرين ملڪ لڪائي رکيا آهن،وزيراعظم نواز شريف  جو نالو به فهرست ۾ شامل آهي، جڏهن ته مريم نواز، حسين نواز ۽ حسن نواز جي اربين ڊالرن جي آف شور ڪمپني جي موجودگي جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي، حسن نواز 6 ڪمپنين جو مالڪ آهي، ڀارتي اخبار انڊين ايڪسپريس    موجب شريف خاندان  جي 6 ڪمپنين لنڊن جي هائيڊ پارڪ ۾ ملڪيتون خريد ڪيون آهن، انهن  اهي ملڪيتون ڊوئسچي بئنڪ ۾ گروي رکرائي 7 ملين پائونڊ جو قرض به ورتو هو ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ کان قرض وٺي 2 اپارٽمينٽ ورتا ويا.اخبار موجب  مريم نواز ۽ حسين نواز هڪ آف شور ڪمپني جا 5.5 ملين پائونڊ جا شيئر حسن نواز حوالي ڪيا،شريف خاندان پاڪستان جي امير ترين خاندانن ۾ شامل آهي، ان تي ڪرپشن،غيرقانوني اثاثن،ٽيڪس چوري،مني لانڊرنگ  جا الزام به لڳل آهن،حسين نواز، حسن نواز ۽ مريم صفدر انهن الزامن جا جواب انڊين ايڪسپريس کي نه ڏنا،نيسڪول لميٽڊ ۽ نيلسن هولڊنگز لميٽڊ 1993 ع ۾ قائم ڪيون ويون ، برطانوي اخبار موجب پاناما پيپرس ۾ هڪ ڪروڙ 75 لک دستاويز شامل آهن، روسي صدر ولاديمير پيوٽن به 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ اثاثا ٻاهرين ملڪ لڪائي رکيا آهن، آمريڪا،،برطانيه ،چين،ڪئناڊا،ڀارت  ٿائيلينڊ ۽ ٻين ملڪن  جا اڳواڻ به شامل آهن،،آذربائيجان جي صدر ۽ سندس خاندان،ملائشيا جي وزيراعظم جي پٽ ۽ چيني وزيراعظم جي ڌيءَ ،برطانوي وزير اعظم جي والد،مصر جي صدر جنرل السيسي جا به ٻاهرين ملڪ اثاثا آهن ، اسپين جي بادشاهه جي ڀيڻ، گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪوفي عنان جو پٽ به ڪرپشن ڪندڙن ۾ شامل آهي، سعودي شاهه جي لنڊن ۾ 34 ملين جي جائيداد موجود آهي، هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وڏو انڪشاف ٿيو آهي، نيب کان جاچ جو مطالبو ڪنداسين، نواز ۽ آصف علي زرداري جو پئسو ٻاهر پيل آهي،  نواز شريف کان  اثاثن جا تفصيل  ٻڌائڻ جو چونداسين، قومي اسيمبلي  ۾ به آواز اٿارينداسين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *