پري اسڪين رپورٽ نادره ناهي ڏني، اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي: عمران خان جي وضاحت

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پري اسڪين رپورٽ نادره ناهي ڏني، اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي سعد رفيق به چوي ٿو ته رٽرننگ آڦيسرن داندلي ڪئي آهي ذميوارن کي سزا ڇو ملڻ گهرجي جڊيشل ڪميشن جو فيصلو قبول ڪنداسين نادره رپورٽ جلد اليڪشن ٽربيونل وٽ هلي ويندي ايندڙ هفتي ڪوڙ سچ پڌرو ٿي ويندو ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نادره مون کي پري اسڪين رپورٽ ناهي ڏني اسان کي اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي آفيشل رپورٽ اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي ۽ چيئرمين نادره تي اجادو چڙهائي ڪئي ويئي عمران خان ٻڌايو ته رپورٽ ۾ 3 شيون آڌو آيون آهن 30 پولنگ اسٽِشن ۾ ڊپليڪيٽ ڪاغذ مليا آهن ۽ اهي هڪ ئي سيريل نمبر جا آهن جاچ کان پوءِ خبر پوندي ته ڇو واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا آهن هن ٻڌايو ته 50 پولنگ اسٽيشن اندر ڪنهن ٻئي پولنگ اسٽيشن جا سيريل نمبر نڪتا آهن 34 پولنگ اسٽيشن ۾ اليڪٽرول لسٽون غائب ڪيون ويون جنهن سان خبر نٿي پوي ته آڱوٺا ڪنهن جا لڳا آهن نادره کان ايندڙ رپورٽ آڱوٺن جي نشاندي ڪندي هن چيو ته منڊي بهاولدين ۾ هڪ اميدوار اليڪشن ۾ درخواست داخل ڪري رهيو آهي ان جو موقف آهي ته پنجاب جي گورنمينٽ اليڪشن دوران گئس پائيپ وجهڻ شروع ڪري ڇڏي آهي اها سموري پري پول ڌانڌلي آهي جڊيشل ڪميشن جي قيام جي باوجود پنجاب حڪومت تي ڪوئي فرق نٿو پوي ۽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون هڪ وزير گاڏين ۾ ويهي چئمپين هلائي رهي آهي جڊيشل ڪميشن ۾ سموريون شيون آڏو اچي ويندي هن چيو ته اين اي 125 جي فيصلي جي خلاف حڪومت سپريم ڪورٽ هلي وييئ آهي هن چيو ته سعد رفيق چوي ٿو ته رٽرننگ آفيسر ڌانڌلي ڪئي آهي ۽ چوي ٿو ته مان ڌانڌلي نه ڪئي اسان چئون ٿا ته جنهن ڌانڌلي ڪئي آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي هن چيو ته هاڻي نادره جي رپورٽ ٽربيونل اليڪشن وٽ هلي ويندي انشاءَالله اسان کي اميد آهي ته ايندڙ هفتي ڪوڙ سچ پڌرو ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *