پرينڪا چوپڙا آمريڪي شو لاءِ عڪسبندي مڪمل ڪري ورتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا آمريڪي ٽي وي شو جي عڪسبندي مڪمل ڪرائي ورتي. ڀارتي ميڊيا ذريعن موجب پريانڪا چوپڙا پنهنجي بالي ووڊ سرگرمين ۽ آمريڪي شو جي عڪسبندي جي ڪري تمام گهڻي مصروف رهي. اداڪاره سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مداحن کي ٻڌايو آهي ته هن آمريڪي شو لاءِ عڪسبندي مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ هاڻيءَ هوءَ پنهنجو پاڻ کي آزاد محسوس ڪري رهي آهي. واضح رهي ته پرينڪا چوپڙا جي نئين ايندڙ فلم ”باجي رائو مستاني“ آهي جنهن ۾ هوءَ رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون سان گڏ پرفارم ڪري رهي آهي. ڄاڻايل فلم سڀاڻي جمعي ڏينهن رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *