پرينيتي چوپڙا ثانيا مرزا کي سندس ئي ريڪيٽ سان آشيرواد ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا کي سندس ئي ريڪيٽ سان آشيرواد ڏئي ڇڏيو، 29 ورهين جي پرينيتي چوپڙا ٽوئٽر تي هڪ تصوير ونڊي آهي، جنهن ۾ ثانيا مرزا کي پنهنجي ئي ريڪي سان کانئس آشيرواد وٺندي ڏسي سگهجي ٿو، پرينيتي لکيو آهي ته جيتوڻيڪ ثانيا کي ضرورت ناهي پر مان پوءِ به کيس آشيرواد ڏئي رهيا آهيان ۽ اهو به سندس ئي ريڪيٽ سان! ڇا ته ڏينهن آهي. ثانيا به اها تصوير ٽوئٽر تي ونڊي ۽ ان سان گڏ اهو به لکيو ته ڇا ته زبردست ڏينهن آهي، جو پرينيتي مونکي آشيرواد ڏئي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *