
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريتي زنٽا پنهنجي آمريڪي دوست سان شادي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ شادي جي تقريب آمريڪا ۾ ئي ٿيندي ڀارتي ميڊيا مطابق پريتي زنٽا پنهنجي شادي جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي پر بالي ووڊ اداڪاره جي انتهائي قريبي ذريعن جو چوڻ آهي ته هو ايندڙ سال جنوري ۾ آمريڪا روانو ٿي ويندي جتي هو پنهنجي آمريڪي دوست جيني گوڊ اينف سان رشتو جوڙيندي. شادي جي تقريب نجي نوعيت جي هوندي جنهن ۾ ٻنهي جي گهروارن کان علاوه انتهائي ويجها دوست شريڪ ٿيندا.