پريانڪا کي 30 منٽن جي پرفارمنس لاءِ 12 ڪروڙ معاوضي جي آڇ

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي ايوارڊ شو ۾ 30 منٽن جي پرفارمنس تي 12 ڪروڙ معاضي جي آڇ ڪئي وئي. پريانڪار چوپڙا بالي ووڊ ۾ ڪاميابين کان پوءِ هالي ووڊ ۾ به پير ڄمائي چڪي آهي ۽ مشهور سيريز  ” ڪوانٽيڪو“ سان گڏ فلمن ۾ به ڪم ڪري رهي آهي. پريانڪا هالي ووڊ فلمن جي ڪري هلندڙ سال  ڪا به بالي ووڊ فلم سائن ناهي ڪئي ۽ پنهنجو سمورو وقت هالي ووڊ کي ڏئي رهي آهي. اداڪارا جي بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب هن کي ڪافي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو ۽ چيو ويو ته ڀارتي فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جي ڪري سندس مقبوليت گهٽ ٿيندي. پر هاڻ هڪ ايوارڊ شو جي تقريب ۾ اداڪارا کي وڏي معاوضي جي آڇ سمورن خدشن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا چوپڙا کي ڊسمبر ۾ ٿيندڙ هڪ ايوارڊ شو ۾ 30 منٽن جي پرفارمنس لاءِ 12 ڪروڙ معاوضي جي آڇ ڪئي وئي جنهن تي هن پرفارم ڪرڻ لاءِ ها ڪئي. اداڪارا شو ۾ بالي ووڊ ۽ انٽرنيشنل گانن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي. هن وقت اداڪارا پريانڪا نيويارڪ ۾ پنهنجن 2 هالي ووڊ فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ تقريب ۾ شرڪت لاءِ خاص طور تي هن کي ڀارت وڃڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *