
ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ”هولي“ آمريڪا ۾ ٽي شو ڪوائنيڪو جي سيٽ تي ملهائي، ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق پريانڪا چوپڙا آمريڪا ۾ هجڻ جي ڪري پنهنجي فيملي ۽ دوستن سان هولي نهملهائي سگهي، اداڪاره انسٽاگرام تي ڪوائنيڪو جي سيٽ تي عملي ۽ ڪاسٽ سميت هولي ملهائڻ جون تصويرون شيئر ڪيون آهن، هن ان موقعي تي پنهنجي ساٿين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انهن گهر جهڙو ماحول فراهم ڪيو آهي.