پريانڪا چوپڙا شرڌا ڪپور ۽ پٽاخه گڏيءَ کان پوءِ هاڻي اداڪارا تبوءَ به مائيڪ کڻي ورتي

ممبئي (شوبز نيوز) پريانڪا چوپڙا شرڌا ڪپور ۽ پٽاخه گڏيءَ کان پوءِ هاڻي اداڪارا تبوءَ به مائيڪ کڻي ورتي آهي ۽ هوءَ نريج پانڊي جي نئين ايندڙ فلم ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندي. شرڌا ڪپور مائيڪ تي اچي اهڙا ته سُر وکيريا جو ٻڌندڙ حيران رهجي ويا، شرڌا فلم ”عاشقي-2“ ۾  پنهنجي آواز ۾ گيت رڪارڊ ڪرايو هو. جنهن کان پوءِ وري عاليه ڀٽ فلم ”هاءِ وي“ جي اڙانگھن رستن کي نرالي انداز ۾ بيان ڪيو هو.جڏهن ته بالي ووڊ جي ”ميري ڪوم“ فيم گرل پريانچا پڻ ڪامياب سُرن جي ورکا ڪري چڪي آهي، هاڻي وري بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا تبو به ان ميدان ۾ قدم رکڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن، خبر آهي ته هدايتڪار نريج پانڊي نئين فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ تبو پنهنجي آواز ۾ گيت رڪارڊ ڪرائڻ جو پلان ٺاهيو آهي، جنهن جي لاءِ هن تبوءَ سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس اڃا تبوءَ جي جواب جو انتظار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *