پريانڪا چوپڙا جيان ڳائڻ جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ چاهيان ٿي: پرينيتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا پنهنجي سپر اسٽار سؤٽ پريانڪا چوپڙا جي پير تي هلندي هاڻي ڳائڻ جي ميدان ۾ قدم رکڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته کيس ڳائڻ جو شوق آهي ۽ هوءَ به پنهنجي سؤٽ پريانڪا چوپڙا جيان ڳائڻ جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، جلد ئي ماڻهو سندس آواز ٻڌي سگھندا. هن چيو ته هو فلم انڊسٽريءَ کان پري رهڻ وارين خبرن مان بيزار ٿي چڪي آهي، هن چيو ته مون وٽ ڪيترين ئي فلمن جا اسڪرپٽ موجود آهن ۽ مان هلندڙ سال جي آخر تائين انهن فلمن جي شوٽنگ شروع ڪرائي ڇڏينديس. واضح رهي ته پرينيتي چوپڙا بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سلطان“ ۾ اداڪاريءَ جو جوهر ڏيکاريندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *