پريانڪا چوپڙا اداڪاري ۽ ڳائڻ ۾ ڪاميابيون سهيڙڻ کانپوءِ پروڊيوسر بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بهترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا اداڪاري ۽ ڳائڻ جي ميدان ۾ ڪاميابيون سهيڙڻ کانپوءِ هاڻ پروڊيوسر به بڻجي وئي آهي، پريانڪا جو ڳاڻيٽو بالي ووڊ جي انهن اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو ، جن نه رڳو بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن پر ٽي وي پروگرم جي ميزباني ۽ ڳائڻ ۾ به ڪاميابيون ماڻيون آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق پريانڪا چوپڙا هڪ آمريڪي ٽي وي سيريز جيان “ اٽس مائي سٽي” جي نالي سان سيريز پروڊيوس ڪري رهي آهي، جيڪا ممبئي ۾ رهندڙ انهن چئن ڇوڪرين جي حقيقي زندگي تي ٻڌل آهي، جيڪي ڪامياب زندگي گهارڻ لاءِ مختلف مسئلن کي منهن ڏين ٿيون ، 11 قسطن تي ٻڌل اها سيريز هفتيوار نشر ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *