
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا هلندڙ مهيني جي آخر ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ڊنر ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ڇڏيل بيان ۾ پريانڪا چوپڙا جو چوڻ هو ته هوءَ هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تي وائٽ هائوس جي نمائندن کي ڏنل رات جي ماني واري سالياني دعوت ۾ صدر بارڪ اوباما سان گڏ ماني کائيندي،اها دعوت آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ سندس گهرواري مشل اوباما پاران ايندڙ ڇنر واري رات رکي وئي آهي، جنهن ۾ پريانڪا چوپڙا کي به شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، ان حوالي سان پريانڪا ٽوئٽر تي پنهنجي چاهيندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي دعوت ۾ وڃڻ جي تصديق ڪئي.