
ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي ڪاميابين جوسلسلو جاري آهي ۽ سندس ڪيريئر ۾ هڪ ٻيو اعزاز“دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ”جي صورت ۾ مليو آهي.ميڊيا رپورٽ مطابق فلم “باجي رائو مستاني” ۾ پريانڪا چوپڙا جي لاجواب ۽ بهترين اداڪاري سبب کيس ايورارڊن سان نوازيو پيو وڃي.جڏهن ته “دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ”جي تقريب 24 اپريل تي ٿي رهي آهي،جنهن ۾ خاص مهمان به پريانڪا چوپڙا هوندي.003