پريانڪا مضبوط ذهن جي مالڪ،هن ڪڏهن به آپگهات جي ڪوشش ناهي ڪئي:امڙ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جي ماءُ چيو آهي ته سندس ڌيءَ جي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش واري خبر بلڪل بي بنياد آهي، اڳوڻي مينيجر دشمني ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي، هن چيو ته جاجو پنهنجي بيان تي معافي گهري نه ته هو جيل ويندو، پريانڪا جي ماءُ ٽوئٽر تي پريانڪا جي اڳوڻي مينيجر جاجو خلاف بيان ڏيندي چيو آهي ته جاجو جو پريانڪا بابت اهو چوڻ ته هن ڪيترائي ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪئي ۽ مان کيس بچايو، بلڪل غلط آهي، ڇو ته سندس ڌيءَ شروع کان ئي مضبوط ذهن جي مالڪ آهي ۽ دنيا جي سامهون فخر سان هلڻ ڄاڻي ٿي، 33 سالن جي پريانڪا جي ماءُ چيو ته جاجو جا پريانڪا سان ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف هلندڙ آهن،جنهن سبب هن ڪوڙ ڳالهايو آهي، انهي جي ڪري هو جيل جي هوا پڻ کائي چڪو آهي،پريانڪا ڪجهه سال پهرين جاجو کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هن پريانڪا خلاف پئسا ادا نه ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو پر پريانڪا جي ماءُ جي شڪايت تي کيس 67 ڏينهن جيل ۾ پڻ وڌو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *