پروڊڪشن آرڊرز ۾ ترميم جو فيصلو، ڪرپٽ ماڻهن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پراڊڪشن آرڊر قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث اسيمبلي ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر نه ٿيڻ گهرجي.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ميمبرن جي پراڊڪشن آرڊر بابت قانون ۾ ترميم جي هدايت ڪئي.  ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث پارليامينٽ ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن، اهڙي قسم جي قيدين کي جيل ۾ سياسي قيدي جو درجو نه ملڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن جي پراڊڪشن آرڊر وارو معاملو قانون واري وزارت حوالي ڪري ڇڏيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *