پروپئگنڊا ڀارت جي مايوسي جو واضح ثبوت آهي، دفاع لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ اهم عزم جو اظهار ڪيو آهي ته جاگرافيائي سرحدن جي دفاع لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. آءِ ايس پي آر موجب جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ علائقائي سيڪيورٽي، بارڊر مئنيجمينٽ ۽ داخلي سيڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو آهي ته ڪانفرنس ۾ خطي جي تيزي سان مَٽجندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن افغان سيڪيورٽي صورتحال ۽ انساني بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته بامقصد گفتگو، عالمي سهڪار سان افغانستان ۾ امن ڏانهن وِک وڌندي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته قربانين سان حاصل امن ۽ استحڪام کي تباهه ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائي ويندي.  آءِ ايس پي آر موجب شرڪت ڪندڙن ڀارتي ملٽري جي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا جو نوٽيس ورتو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته جاگرافيائي سرحدن جي دفاع لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ڪندي چيو ته بي بنياد پروپئگنڊا ڀارت جي مايوسي جو واضح ثبوت آهي، پروپئگنڊا انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. ٻئي طرف   آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجن آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين جا قرضي آهيون. آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ هڪ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مختلف ڪاررواين ۾ بهادري ۽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي جوانن کي انعام ڏنا.  آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ اعزاز حاصل ڪندڙن جي خاندانن شرڪت ڪئي، ان دوران  47 آفيسرن کي ستاره امتياز ملٽري، 6 آفيسرن ، 7 جي سي اوز ۽ 12 فوجي جوانن کي تمغه بسالت سان نوازيو ويو، شهيدن جا ميٽلز انهن جي گهر وارن وصول ڪيا. آرمي چيف شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان جا جوان ۽ آفيسرز حقيقي هيرو آهن، سپاهين ۽ آفيسرن جي قربانين جي ملڪ ۾ امن آيو، مادر وطن لاءِ جان جي قرباني کانسواءِ ٻي ڪا به وڏي قرباني ناهي، اسان جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *