پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس هلائيندڙ خاص عدالت کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد (بيورو) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس هلائيندڙ خاص عدالت کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وٽ خاص عدالت کي ڪم کان روڪڻ جو اختيار ناهي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران، خاص عدالت کي ڪم کان روڪڻ واري حڪم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته خاص عدالت، پرويز مشرف خلاف ٽرائل ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي،خاص عدالت جي غير معمولي ڪارروائي کي معطل نٿو ڪري سگهجي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وٽ اهو اختيار ناهي ته خاص عدالت کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري. اعليٰ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري خاص عدالت کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.  واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران خاص عدالت کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم جاري ٿيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *