پرويز مشرف جي درخواست منظور، شريڪ جوابدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خاص عدالت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي درخواست منظور ڪندي شريڪ جوابدارن خلاف ڪاروائي، اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي قانون وزير ۽ چيف جسٽس کي به ڌُر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت طرفان ٽنهي شخصيتن جا بيان قلمبند ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت کي انهن شخصيتن جا نالا شامل ڪري 5 1 ڏينهن ۾ نئون چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، بئنچ جي هڪ ميمبر جسٽس ياور علي فيصلي تي اختلافي نوٽ به لکيو آهي. جسٽس فيصل عرب جي سربراهي ۾ خاص عدالت جي ٽي رڪني بئنچ 1 3 آڪٽوبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت پنهنجي عبوري حڪم ۾ ٻڌايو ته بئنچ اڪثريت راءِ سان مشرف جي درخواست جزوي طور تي منظور ڪري ورتي آهي جنهن مطابق اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي قانون وزير ذاهد حامد ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر کي به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جسٽس فيصل عرب مختصر فيصلو ٻڌائيندي ٻڌايو ته جسٽس ياور علي فيصلي تي اختلافي نوٽ به لکيو آهي، عدالت هدايت ڪئي آهي ته ٽنهي شخصيتن جا بيان قلمبند ڪيا وڃن ۽ وفاقي حڪومت کي انهن شخصيتن جا نالا شامل ڪري 5 1 ڏينهن ۾ نئون چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *