پرويز مشرف جا غير آئيني قدم نهايت افسوسناڪ هئا: رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته پرويز مشرف جا غير آئيني قدم نهايت افسوسناڪ هئا، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، گڏيل عرب امارات جي وزير جي قرارداد تي نڪته چيني پارلياماني طريقڪار خلاف آهي. صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته فوجي آمرن خاص ڪري پرويز مشرف  جا غير آئيني قدم نهايت افسوسناڪ هئا، هن آئين معطل ڪري پارليامينٽ جي تقدس کي پامال ڪيو. رضا رباني چيو ته سينيٽ اجلاس جي ڪاروائي گهٽ ۾ گهٽ اڍائي کان 3  ڪلاڪن تائين هلائي ويندي. سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق کي درخواست ڪئي آهي ته هو اجلاس ۾ وزيرن جي حاضري يقيني بنائي، رضا رباني چيو ته سينيٽ وٽ مالياتي اختيار هئڻ گهرجن، ان مسئلي کي بزنس ايڊوائزري ڪاميٽي ۾ کڻي وينداسين. هن چيو ته آئين ۽ قانونن جي بالادستي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، يمن جي صورتحال بابت پارليامينٽ جي متفقه قرارداد پارليامينٽ جي امنگن مطابق آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *